SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


قومي رياستي سرشتو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


قومي رياستي سرشتو

Nation State System

نيشن اسٽيٽ سسٽم

سياسي زندگيءَ جو سرشتو ، جنهن ۾ قومون الڳ الڳ آزاد ۽ خودمختيار رياستن جي شڪل ۽ مڪمل اختيار رکندي ، مختلف رخن ۽ درجن ۾ هڪٻئي سان وهنوار ۽ واسطي ۾ اينديون آهن . اهي واسطا تعميري ۽ سهڪاري هجڻ سان گڏ تڪراري ۽ ويڙهاند ڀريل به ٿي سگهن ٿا . جيتوڻيڪ عام طرح ’ويسٽفيليائي معاهدي‘ ( 1648ع ) کي هن سرشتي جو بنياد سمجهيو وڃي ٿو . جيتوڻيڪ ان کان اڳ به دنيا ۾ رياستي سرشتو موجود هو ، پر اهو خودمختيار ۽ آزاد هئڻ بدران وڏين سلطنتن ، بادشاهتن ۽ مذهبي پيشوائن جو ڳيجهو رهندو آيو . بعد ۾ نمائنده حڪومتن جي قيام ، انقلابن جي آمد ، آبادي ءَ ۾ واڌ ، بين الاقوامي قانون ۽ سفارڪاريءَ جي اوسر ، رياستن وچ ۾ وڌندڙ معاشي واسطيدارين ، تڪرارن جي امن ڀريي حل ، مختلف نظرين جي آمد “ فوجي علم ۽ هنر ۾ ٿيل ترقيءَ ۽ اولهه جي ملڪن کان ٻاهر جنم وٺندڙ آزاد رياستن جي ڪري ’قومي رياستي سرشتي‘ ۾ نوان لاڙا آيا . پر هن سرشتي مٿان سڀ کان وڌيڪ اثر ’قوم پرستيءَ‘ جي وڌندڙ نظريي وڌا ، جنهنڪري عام ماڻهوءَ جي رياستي معاملن ۾ دلچسپي وڌي ۽ کين نظرانداز ڪندي رياستي معاملا هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿي ويو . ان نظريي جي واڌ سبب وڏيون سلطنتون ڊٺيون ۽ قومي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ اڀار آيو . نئين دور ۾ گڏيل قومن جون 193 رڪن رياستون ’قومي رياستي سرشتي‘ هيٺ ڪاروهنوار هلائي رهيون آهن .


Remember Me Also:

هنڀي

هَنڀِي جمع هَنڀِيُون

ث . ديڳين رڌڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڪاٺ جي وڏي ڏوئي. انڀي، جهنگ وڍڻ لاءِ ڪوڏارو يا واهولي جهڙو آواز، کهيڙو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal